Friday, December 31, 2010

سنڌ تي بدامني جو راڄ،اغوا وارداتون وڌي ويون

سنڌ تي بدامني جو راڄ،اغوا وارداتون وڌي ويون

انساني حقن جي ڪارڪن شبير قمبراڻي سندس ڊرائيور حاڪم سمون
 اڃا تائين ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آهن

سال 2010ع دوران سڄي سنڌ بدامني جي لپيٽ ۾ رهي، هر ننڍي وڏي شهر جو ماڻهو پاڻ کي غير محفوظ سمجهي ٿو، سنڌ جي ڪيترن ئي وڏن ضلعن ۾ اغوا جون وارداتون چوٽ چڙهيل رهيون ۽ پوليس جو ڪردار هڪ تماشائي وارو رهيو آهي، سڄي سال ۾ سئو کان وڌيڪ ماڻهن کي مختلف هنڌن تان اغوا ڪيو ويو، جن مان ڪجهه مغوي ڀنگ ڀري گهر موٽيا جڏهن ته ٻارڙن سميت ڪيترائي مغوي اڃا تائين ڌاڙيلن جي چنبي ۾ قيد آهن، جنوري کان ڊسمبر 2010ع تائين سنڌ ۾ ڪو اهڙو شهر يا ڳوٺ محفوظ نه بچيو آهي، جتان اغوا جي واردات نه ٿي هجي، ڪنڌڪوٽ ۽ قمبر- شهدادڪوٽ ضلعن ۾ معصوم ٻارڙن کي اغوا ڪرڻ جي وارداتن ۾ اضافو ٿيو، جتان ابهم ٻارڙن جي اغوا جا واقعا معمول جي ڳالهه بڻجي ويا، ٺل مان اغوا ٿيل ٻارڙي فضيلا سرڪي جو پوليس ڪيترن ئي مهينن کانپوءِ پتو لڳائڻ ۾ ناڪام وئي، جڏهن ته ٺل تعلقي مان ٻيا به 3 ماڻهو اغوا ڪيا ويا، ڪنڌڪوٽ ضلعي مان گذريل ڪجهه مهينن اندر ٽن ڄڻن کي ڌاڙيل اغوا ڪري ويا پر پوليس سندن بازيابيءَ لاءِ ڪابه ڪوشش نه ورتي، ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿيل ماڻهن ۾ ٻارڙا به شامل آهن. شهدادڪوٽ ۾ به ڌاڙيل اغوا جون وارداتون ڪندا رهيا. گهوٽڪي ضلعي جا 15 کان وڌيڪ ماڻهو هن وقت تائين ڌاڙيلن وٽ قيد آهن، جن جا وارث شديد ڳڻتيءَ ۾ ورتل آهن ۽ سندن گهرن ۾ روڄ راڙو متل آهي. سڄو سال اغوا جي وارداتن

2010 for Sindh


الهورايو بوزدار
انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ۽ ٻن ڪتابن جو مصنف شبير قمبراڻي پڻ پنهنجي ڊرائيور حاڪم سمون سميت سيپٽمبر 2010 کان لاپته بڻيل آهي

سال 2010ع سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ دهشتگردي جي واقعن ۽ ٽارگيٽ ڪلنگز سان شروع ٿيو ۽ اهو سلسلو سڄو سال هلندو رهيو، اٽڪل چوڏهن سئو ماڻهو صرف  هڪ سال دوران ڪراچي ۾ دهشتگردن هٿان ٽارگيٽ ڪري نشانو بڻائي ماريا ويا، ڪجهه موقعن تي هڪ ئي ڏينهن مارجي ويل ماڻهن جو تعداد هڪ سئو کان به ڪراس ڪري پئي ويو، هڪ ئي وقت ايترا ماڻهو ان وقت به مارجي ويا جڏهن ته هڪ پارٽي جو ايم پي اي قتل ٿي ويو، اهڙي ريت سنڌ جي گادي واري هنڌ ڪراچي ۾ دهشتگردي جي واقعن ۽ بم ڌماڪن جي واقعن سان گڏ سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو  شڪارپور ضلعي جي هڪ ڳوٺ ۾ به خودڪش حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي جنهن جي نتيجي ۾ خودڪش حملو ڪندڙ پاڻ مارجي ويو ۽ ڪجهه پوليس اهلڪار زخمي ٿيا، جڏهن ته هن ئي سال سنڌ جي دادو ضلعي ۾ بم ڌماڪي ۾ پڻ انساني حياتيون موت جو کاڄ بڻجي ويون،  اهڙي ريت هلندڙ سال دوران وقفي وقفي سان سنڌ ۾ ريلوي ٽريڪ تي پڻ بم ڌماڪا ڪيا ويا جنهن دوران جيتوڻيڪ ڪو جاني نقصان نه ٿيو پر ڪراچي ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽرينن جي آمدرفت سخت متاثر ٿيندي رهي جنهن دوران هڪ سياسي پارٽي جي ڪارڪنن کي اهڙن ڌماڪن ۾ ملوث هجڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو، سنڌ ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ جتي ڪيترن ئي مسڪين ماڻهن  کي قتل ڪيو ويو ، اتي قبيلائي  دهشتگرديءَ جي واقعن جي اڳيان به ڪو فل اسٽاپ   اچي نه سگهيو ۽ هلندڙ سال جي آخري مهيني جي آخري هفتي دوران به سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ قبيلائي دهشتگردي سبب بي گناهه ماڻهو قتل ٿيندا رهيا، سنڌ جي گهوٽڪي، ڪشمور، سکر، خيرپور، لاڙڪاڻو، قمبر شهدادڪوٽ، نواب شاه ۽ ٻيا ضلعا قبيلائي دهشتگردي جي نشاني تي رهيا، هلندڙ سال دوران نه صرف سکر ريجن ۾ قبيلائي دهشتگردي جا واقعا عام ٿيندا رهيا جنهن ۾ مختلف برادري جي هٿياربندن طرفان هڪٻئي جي ڪيترن ئي ماڻهن کي معمولي ڳالهين تان قتل ڪري ڇڏيو پر خونريزي جو اهو خطرناڪ رجحان حيدرآباد ريجن ۾ به ڦهلجي ويو،  اهڙي ئي هڪ واقعي ۾ قاضي احمد ويجهو ٻن ڌرين ۾ پنج کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا گهوٽڪي ضلعي ۾ هلندڙِ ڪوش ۽ سولنگي برادري جي ڌرين ۾ هلندڙ خوني قبيلائي تڪرار جنهن ۾ لڳ ڀڳ هڪ سئو ماڻهو مارجي ويا اهو تڪرار پڻ ساڳي سنگين نوعيت سان جاري رهيو،  اهڙي ريت ضلعي ۾ ڪجهه واقعن ۾ هڪ ئي واقعي ۾ ٽي کان وڌيڪ ماڻهو قتل ٿيندا رهيا جنهن ۾ هڪ واقعي ۾ خانپور مهر ويجهو معصوم ٻارڙي سميت پنج ماڻهو قتل ٿي ويا، هلندڙ سال دوران  قبيلائي دهشتگردي جي واقعن ۾ گهوٽڪي ضلعي ۾ هٿياربندن جي حملي ۾ عورتن کي پڻ قتل ڪيو ويو جڏهن ته هلندڙ سال دوران به قبيلائي دهشتگردي جي واقعن دوران قانون جي حڪمراني بجاءِ سنڌ ۾ جاگيردارن ۽ ڀوتارن جي اوطاقن ۽ بنگلن تي جرڳا به منعقد ٿيندا رهيا جڏهن ته رياستي انصاف جي ادارن طرفان قبيلائي دهشتگردي جي واقعن ۾ ملوث ڪنهن جوابدار کي سزا ڏيڻ جو ڪو واقعو سامهون نه آيو،  اهڙي ريت سال 2010 سنڌ ۾ هڪ دفعو وري امن امان جي حوالي سان ڌاڙن ۽ اغوائن جو سلسلو به تيز ٿي ويو، هن سال ۾ سڄي سنڌ مان ماڻهن جي اغوائن جي واقعن ۾ اضافو ٿيو ۽ ڪيترائي ماڻهو سال جي آخر تائين بازياب نه ٿي سگهيا ۽ انهن جي وارثن جو احتجاج جاري رهيو ۽ راڄوڻي ڪوششون به جاري رهيون،  آگسٽ ۾ آيل تباهي ڦهلائيندڙ ٻوڏ دوران ئي  ڪجهه حلقن ان صورتحال جي نشاندهي ڪئي هئي ته ٻوڏ بعد ڪچي جي ماڻهن جي پڪي ڏانهن منتقلي ۽ ڌاڙيلن جي پناه گاهن جي تبديلي ۽ پيدا ٿيندڙ بک ۽ بدحالي جي نتيجي ۾ ڏوهن جي شرح وڌي سگهي ٿي پر سرڪار طرفان ان طرف ڌيان نه ڏيڻ سبب ڌاڙيلن طرفان ڪارروايون تيز ڪيون ويون، نتيجي ۾ هن وقت به گهوٽڪي سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ اغوا ٿيلن جو تعداد ويهن کان وڌيڪ آهي، هن وقت صرف گهوٽڪي ضلعي مان هڪ معصوم ٻارڙي سميت ڇهه ماڻهو اغوا ٿيل آهن جڏهن ته سال دوران اغوا بعد ڀنگ عيوض مغوين جي بازيابي جا سلسلا به جيئن جو تئين جاري رهيا، 2010ع دوران به سنڌ جي مختلف ضلعن خاص ڪري گهوٽڪي ضلعي ۾ موبائيل فون تي ڇوڪرين جي آواز ۾ ڳالهائي ماڻهن کي دوکي سان گهرائي يرغمال بڻائڻ جو سلسلو جاري رهيو گهوٽڪي ضلعي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي هڪ وڏي آفيسر جي پٽ سميت ٽيهارو ماڻهن کي ساڳي نموني سان گهرائي يرغمال بڻايو ويو، جن مان قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي آفيسر جي پٽ سميت صرف ڪجهه ئي خوشنصيب ڳري رقم جي عيوض بازياب ٿي سگهيا اڃا به ويهارو ماڻهن جي يرغمال هجڻ جا اطلاع آهن، جيڪي ماڻهو دوکي ۾ اچڻ بعد ڳري رقم عيوض بازياب ٿيا انهن ۾ برطانوي شهريت رکندڙ ميرپورخاص جو هڪ رهواسي به شامل آهي، جنهن جي بازيابي جي قيمت اطلائن موجب پنجاهه لک کان وڌيڪ ادا ڪئي آهي_اغوائن جي واقعن سان گڏ سنڌ ۾ انڊس هاءِ وي، نيشنل هاءِ وي ۽ لنڪ روڊن تي مسافر گاڏين کان ڦرلٽ جي واقعن ۾ به ڪا ڪمي نه آئي، ٻوڏ کان اڳ ۽ ٻوڏ کان پوءِ انڊس هاءِ وي ۽ نيشنل هاءِ وي تي اهڙا واقعا راتين جو معمول بڻيل رهيا مسافرن جي روپ ۾ بسن ۾ چڙهي مسافرن کي ڦرڻ جا واقعا به  عام ٿيندا رهيا، ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ اسٽريٽ ڪرائيم کي روڪڻ انتظاميه جي وس کان ئي ٻاهر نڪري ويو،  اهڙن ڏوهن کان تنگ ٿي تاريخ ۾ پهريون دفعو گهوٽڪي جي شهرين ٽن ڏينهن تائين لاڳيتو گهوٽڪي شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪري احتجاج ڪيو،  نتيجي ۾ انتظاميه امن امان جي صورتحال تي ڪنٽرول ڪرڻ بدران پرامن احتجاج ڪندڙ شهرين تي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ چالان ٿيڻ جهڙا ڪيس داخل ڪيا، 2010ع هونءَ ته معاشري جي سڀني طبقن جي لاءِ قدرتي توڙي انساني واقعن سبب مصيبتن جو سال رهيو پر اقليتن، ٻارڙن ۽ عورتن جي لاءِ به 2010 سٺو سال ثابت نه ٿيو، سانگهڙ، جيڪب آباد، حيدرآباد، نوشهروفيروز ۾ ٻارڙن کي جنسي ڏاڍائي بعد قتل ڪرڻ جا ڀيانڪ واقعا به ٿيا، جڏهن ته سنڌ ۾ ٻارڙن جي اغوا جي واقعن ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو ٿيو خاص ڪري سنڌ بلوچستان واري پٽي وارو ضلعو ڪشمور ڪنڌڪوٽ اهڙن اغوائن جو مرڪز رهيو، جڏهن ته ٺل جي فضيلا سرڪي کي به هن سال به بازيابي نصيب نه ٿي، ٻارڙن جي اغوائن جا واقعا جيڪب آباد  ۽ ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعن ۾ ٿيڻ جو اثر سنڌ جي ٻين ضلعن تي به پيو ۽ اهڙن اثرن مان گهوٽڪي ضلعو به محفوظ نه رهيو،  هلندڙ سال دوران گهوٽڪي جي خانپور مهر شهر مان وقفي وقفي سان ٻه ٻارڙا اغوا ٿيا جن مان هڪ ٻارڙو شيوم ڪمار اڃا تائين ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آهي،  اغوا جي اهڙن واقعن مغوي ٻارڙن جي ڪٽنبن کي هڪ نه کٽندڙ مصيبت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي،  اهڙي ريت هلندڙ سال قيدي ٻارڙن جي تڪليفن ۾ به ڪا ڪمي نه آڻي سگهيو، سنڌ جي ٽن شهرن ڪراچي، حيدر آباد ۽ سکر ۾ هن وقت گهٽ عمر وارن قيدن جو تعداد 262 آهي، سنڌ حڪومت هلندڙ سال دوران ٻارڙن جي حقن جي لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن جي اڳواڻن سان اهو واعدو ڪيو هو ته سکر جي سينٽرل جيل 2 (شهر جي اندر قائم جيل)کي صرف ننڍي عمر وارن قيدين جي جيل ۾ تبديل ڪري سکر ۾ به حيدرآباد ۽ ڪراچي وانگر ننڍي عمر وارن قيدين جو الڳ جيل ٺاهيو ويندو، جنهن سان جيلن جي اندر ننڍي عمر وارن قيدين جي تڪليفن ۾ گهٽائي اچڻ سان گڏ جيلن ۾ جهيڙن جو ماحول گهٽجي ويندو، جنهن تي اڃا تائين عمل نه ڪيو ويو، جڏهن ته پنجاب جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ ٻارڙن جي قانوني حقن بابت قانونن تي عمل نه ڪيو ويو، سنڌ ۾ هلندڙ سال دوران عورتن جي مٿان تشدد، ڪاروڪاري ۾ عورتن جي قتل ۽ اجتمائي جنسي ڏاڍائي جي واقعن ۾ به تمام گهڻو اضافو ٿيو، عورتن جي حقن جي لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن جي اڳواڻن مهناز رحمن ۽ ملڪه خان جيڪي سال دوران عورتن مٿان ٿيندڙ تشدد جي واقعن بابت معلومات گڏ ڪنديون رهيون آهن انهن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ هلندڙ سال جيتوڻيڪ ڪاروڪاري جي واقعن ۾ پنجاب جي ڀيٽ ۾ واقعا گهٽ ٿيا آهن پر عورتن خاص ڪري ٻارڙين سان جنسي ڏاڍائي جا واقعا انتهائي ڇرڪائيندڙ آهن اهڙي ريت سنڌ ۾ کپري،  گمبٽ ۽  دادو ۾ عورتن سان جنسي حوس جي ٿيل واقعن متاثر ڪٽنبن کي ذهني ۽ جسماني عذابن ۾ مبتلا ڪرڻ سان گڏ سڄي معاشري جي معصوم عورتن ۽ سندن گهرڀاتين کي ڊيڄاري ڇڏيو،  هلندڙ سال دوران ئي سنڌ ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائيل فونز کي عورتن کي بليڪ ميل ڪرڻ جي لاءِ ان حد تائين استعمال ڪيو ويو جو ڇوڪريون خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويون، اهڙو هڪ واقعو دادو ۾ رپورٽ پڻ ٿيو،  اهڙي ريت هلندڙ سال دوران به ٻارڙين کي سڱ چٽي ۾ ڏيڻ ۽ ننڍي عمر ۾ ٻارڙين جون شاديون ڪرائڻ جا واقعا پڻ ٿيندا رهيا، سنڌ ۾ سال 2010 به پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙن جي لاءِ سٺو سال نه رهيو، ڪجهه هنڌن تي ڪجهه سال اڳ پرڻيل جوڙن کي قتل ڪيو ويو جڏهن ته گهوٽڪي ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري کي ڪوٽ ۾ قيد ڪيو ويو پسند جو پرڻو ڪندڙ نوجوان جي مائٽ عورتن ۽ مردن کي اغوا ڪيو ويو ۽ هي سال به گذرندي ڪيترن ئي نارين کي مختلف پناهه گاهن ۾ ڇڏي ويو جيڪي پسند جو پرڻو ڪرڻ سبب گهرن ۽ ورن کان ڏور ڪيل آهن، سال 2010 دوران سنڌ ۾ اقليتون قرار ڏنل ڌرتي ڌڻين کي به ڪيترن مصيبتن کي منهن ڏيڻو پيو نه صرف سنڌ ۾ هندو برادري جا نوجوان توڙي ٻارڙا اغوا ٿيندا رهيا پر اهڙن واقعن دوران ڌاڙيلن طرفان ڀنگ جي رقم نه ملڻ سبب سکر ضلعي ۾ هڪ نوجوان جو گوليون لڳل لاش اماڻيو ويو،  اهڙن واقعن هندو برادري ۾ انتهائي سخت بيچيني ڦهلائي ڇڏي جڏهن ته هلندڙ سال دوران ئي ڪراچي مان اغوا ٿيل ڊاڪٽر شام ڪمار جي اغوا ڪراچي جي هندو برادري جي ماڻهن سميت  سڄي سنڌ واسين ۾ خوف واري ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏي آهي ڇوته سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ۾ سنڌي هندن جي اغوا جي واقعن سان عام سنڌ واسي پاڻ کي پنهنجي ديس جي گادي واري هنڌ ۾ غيرمحفوظ سمجهڻ لڳن ٿا،جنهن بعد گهوٽڪي ۽ ٻين ضلعن مان پڻ هندو برادري جي ماڻهن جي اغوا جا واقعا ٿيا، سال 2010 دوران سنڌ ۾ سياسي ڪارڪنن جي گرفتارين ۽ لاپته ڪرڻ جو سال به رهيو هن سال دوران جتي ڪيتري وقت کان لاپته ڪيل جسقم اڳواڻ آڪاش ملاح جو ڪو پتو نه پيو،  اتي جسقم گهوٽڪي جو ڪارڪن عبدالقيوم اوڳاهي پڻ آگسٽ مهيني کان لاپته آهي، اهڙي ريت انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ۽ ٻن ڪتابن جو مصنف شبير قمبراڻي پڻ پنهنجي ڊرائيور حاڪم سمون سميت سيپٽمبر 2010 کان لاپته بڻيل آهي_اهڙي ريت  سال 2010ع سنڌ ۾ صحافين جي مٿان پڻ بدترين تشدد ۽ شهادتن جو سال رهيو،  هلندڙ سال جي آخري مهيني دوران ميرپورخاص ۾ سينئر صحافي سلطان محمود چانڊيو کي شهيد ڪيو ويو،  ان کان اڳ گمبٽ جي نوجوان صحافي عاشق منگي کي هٿياربندن بيدرديءَ سان شهيد ڪري ڇڏيو نه صرف اهو پر ساڳين ئي جوابدارن ڪجهه مهينن بعد شهيد صحافي جي ڀاءَ مٺل منگي کي ڪيس تان هٿ نه کڻڻ جي ڪري گوليون هڻي شهيد ڪري ڇڏيو،  ان کان سواءِ مختلف هنڌن تي صحافين مٿان تشدد جا واقعا پڻ ٿيا سامارو ۾ نوجوان صحافي سريش ڪمار مٿان تشدد ڪيو ويو جڏهن ته ڪيترن ئي هنڌن تي صحافين جي مٿان ڪيس پڻ داخل ٿيا_اهڙي ريت سال 2010 جنهن دوران سنڌ مجموعي طور تي ٻوڏ جي تباه ڪارين مان گذري لکين سنڌ واسي بي گهر ٿيا دربدر ٿي سرڪار جي بي ڌياني سبب ڪئمپن ۾ ننڌڻڪائپ جا ڏينهن گهارڻ تي مجبور ٿيا، ٻوڏ کان اڳ ۽ ٻوڏ کان پوءِ سنڌ ۾ انساني حقن جي لتاڙ جي واقعن ۾ ڪابه ڪمي نه آئي.

گهوٽڪي جا 12 مغوي بازياب نه ٿيا، سردارن طرفان راڄوڻي ڪوششون شروع، ماٿيلي ۾ مظاهرا

گهوٽڪي جا 12 مغوي بازياب نه ٿيا، سردارن طرفان راڄوڻي ڪوششون شروع، ماٿيلي ۾ مظاهرا
شبير قمبراڻي ۽ حاڪم سمون جي وارثن ٻيهر سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس کي درخواست مغوين جي بازيابي جي لاءِ پاڻمرادو نوٽيس ورتو وڃي،
گهوٽڪي/ميرپور ماٿيلو (نمائندن وٽان) گهوٽڪي ضلعي جا 12 مغوي بازياب نه ٿيا، سردارن ۽ چڱن مڙسن طرفان راڄوڻيون شروع، ميرپور ماٿيلي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان سلسلي ۾  ڪنڌڪوٽ کان پنهنجي ڳوٺ ڳڙهي ايندي واٽ تان اغوا ٿيل پنج ڄڻن الهه وسايو بشير احمد زينل گل محمد ۽ شبير بوزدار جي ڳولا لاءِ برادري جي سردار رحيم بخش بوزدار جي اڳواڻي ۾ آغا احمد يار شر، شهر يار علي شر ۽ سيد اصغر شاهه جي اڳواڻي ۾ مختلف برادري جي چڱن مڙس اوٻاوڙو تعلقي ۾ مزاري، ڪوش، سولنگي، شر ۽ سيلرا برادرين جي چڱن مڙسن وٽ پهچي مدد جي اپيل ڪئي، جنهن بابت بشير احمد جي ڀاءُ اصغر علي بوزدار ٻڌايو ته مختلف برادري جي چڱن مڙسن سهڪار جو يقين ڏياريو آهي جڏهن ته کنڀڙا پوليس اسان جي ڪابه مدد نه پئي ڪري، هن چيو ته کنڀڙا جو ايس ايڇ او ڪريم بخش لاکو پهرين رات کان وٺي اسان کي شڪي لڳي رهيو آهي، هوڏانهن بوزدار برادري جي چڱن مڙسن جو ڪالهه شام جو ڳڙهي چاڪر ۾ فنڪشنل مسلم ليگ جي ايم پي اي رحيم بخش بوزدار جي بنگلي تي ڪٺ ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اڄ پهچندڙ گهوٽڪي جي نئين ڊي پي او پيرمحمد شاهه سان ملاقات ڪري صورتحال بابت آگاهي ڏني ويندي، جيڪڏهن پوليس ڪا مدد نه ڪئي ته برادري طرفان احتجاج ڪيو ويندو، هوڏانهن گهوٽڪي ويجهو محمد پور مان گهوٽڪي ايندي اغوا ٿيل پيءُ پٽ حافظ شمس الدين ۽ ظهير احمد چاچڙ، جهانپور ميلي تي ايندي اغوا ٿيل مولو مهر، اڪبر سيال ۽ خانپور مهر جي اغوا ٿيل ٻارڙي شويم ڪمار کي به پوليس بازياب ڪرائي ناهي سگهي، هوڏانهن ڪراچي کان ڳوٺ ايندي اغوا ٿيل جسقم ڪارڪن عبدالقيوم اوڳاهي جي بازيابي جي سلسلي ۾ جسقم گهوٽڪي ضلعي جي صدر نصرالله ڪلادي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن عبدالقيوم اوڳاهي جي گهر پهچي سندس ڀاءُ پپو اوڳاهي سان ملاقات ڪري معلومات ورتي جنهن کين ٻڌايو ته گيمڙو پوليس عدالتي حڪم تي اغوا جو ڪيس داخل نه پئي ڪري جنهن بعد جسقم اڳواڻ نصرالله ڪلادي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪن پوليس اسٽيشن گيمڙو پهتا جتي ايس ايڇ او موجود  نه هجڻ سبب ڪيس داخل نه ٿيو، ٻئي طرف شبير قمبراڻي ۽ حاڪم سمون جي وارثن ٻيهر سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس کي درخواست اماڻي اپيل ڪئي آهي ته مغوين جي بازيابي جي لاءِ پاڻمرادو نوٽيس ورتو وڃي، ايس ٽي پي پاران ميرپور ماٿيلو ۾ نواز جلباڻي، عاجز گبول، زاهد جلباڻي ۽ علي گوهر گبول جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڀٽائي چوڪ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، اڳواڻن اغوا ٿي ويل معصوم شويم ڪمار جي بازيابي جو مطالبو ڪيو. 

Thursday, December 30, 2010

گهوٽڪي ضلعي جا 12 ماڻهو اڃا ڌاڙيلن وٽ قيد، پوليس مڪمل طور ناڪام، ڊي پي او کي هٽايو ويو


گهوٽڪي ضلعي جا 12 ماڻهو اڃا ڌاڙيلن وٽ قيد، پوليس مڪمل 
طور ناڪام، ڊي پي او کي هٽايو ويو
انساني حقن جي ڪارڪن شبير قمبراڻي سندس ڊرائيور حاڪم سمون
 اڃا تائين ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آهن


گهوٽڪي/اوٻاوڙو (نمائندن وٽان) گهوٽڪي جا 12 مغوي اڃا ڌاڙيلن جي چنبي ۾ قيد، پوليس  بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام بڻجي وئي، بدامني ۾ واڌ کانپوءِ ڊي پي او کي هٽايو ويو، گهوٽڪي ويجهو ٻيلو ميرپورٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيل ٻن ڄڻن اڪبر سيال ۽ مولو مهر جي اغوا جي پوليس تصديق ڪئي آهي، ان سلسلي ۾ انچارج ڊي پي او گهوٽڪي يارمحمد رند ٻڌايو ته مغوين ۽ کين اغوا ڪندڙن جا پيرا ڪچي ڏانهن ويا آهن، هوڏانهن ٻه ڏينهن اڳ اغوا ٿيل ڳڙهي چاڪر واسي پنج ڄڻن بشير احمد، الهوسايو، زينل، گل محمد ۽ شبير احمد بوزدار جو ڪوبه پتو نه پيو، ان سلسلي ۾ بشيراحمد بوزدار جي ڀاءُ اصغر بوزدار ٻڌايو ته برادري جي سردار ايم پي اي رحيم بخش بوزدار سان گڏ ڪچي ۾ مختلف زميندارن سان ملاقاتون ڪيون، جڏهن ته پوليس ڪوبه سهڪار ناهي ڪيو، هن الزام هنيو ته ايس ايڇ او کنڀڙا ڪريم بخش لاکي کي اسان جي اغوا ٿيل ماڻهن بابت سڄي ڄاڻ آهي، هن پاڻ اسان جي پنجن ئي ماڻهن کي يرغمال بڻائي ڪنهن ٻئي ٽولي جي حوالي ڪيو آهي، هن چيو ته برادري جي سردار اڄ ڳڙهي ۾ سڄي برادري جو ڪٺ سڏايو آهي جنهن ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ لائحه عمل جوڙيو ويندو، هوڏانهن هفتو اڳ گهوٽڪي ويجهو محمد پور کان گهوٽڪي ايندي اغوا ٿيل پيءُ پٽ حافظ شمس الدين چاچڙ ۽ ظهير احمد چاچڙ کي به پوليس بازياب ڪرائي ناهي سگهي، جڏهن ته خانپور

Wednesday, December 29, 2010

رحمان ملڪ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ سوره اخلاص صحيح پڙهي نه سگهيو

رحمان ملڪ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ سوره اخلاص صحيح پڙهي نه سگهيو
اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪالهه اجلاس شروع ٿيڻ کان پهرين وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ کي جڏهن وزير اعظم پاران تلاوت ڪلام پاڪ ڪرڻ جو چيو ويو ته هو سوره اخلاص صحيح نموني پڙهي نه سگهيو ۽ لڳاتار 3 ڀيرا پڙهڻ باوجود رحمان ملڪ سوره اخلاص پڙهڻ ۾ غلطي ڪئي جنهن تي وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ويٺل وزير حيران رهجي ويا. وزير اعظم پاران پڇڻ تي رحمان ملڪ اجلاس کي ٻڌايو ته مون کي سوره اخلاص جي غلط پرنٽ ڏني وئي آهي جنهن بابت جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. هڪ 

Monday, December 20, 2010

Kawish Report


گهوٽڪي ضلعي ۾ ڏوهارين جو راڄ، اوٻاوڙو ويجهو 3 ڄڻا اغوا، مغوين جو انگ 15 ٿي ويو

گهوٽڪي ضلعي ۾ ڏوهارين جو راڄ، اوٻاوڙو ويجهو 3 ڄڻا اغوا، مغوين جو 
انگ 15 ٿي ويو. 


 اوٻاوڙو واسي شبير قمبراڻي، ڊرائيور حق نواز، عبدالفصيح ۽ عبدالواحد پٺاڻ اغوا ٿيل آهن. 

اوٻاوڙو (رپورٽ: گل محمد پنهور) 
گهوٽڪي ضلعي ۾ ڏوهاري راڄ، اوٻاوڙو ويجهو ڊرائيور سوڌو 3 ڄڻا اغوا، مغوين جو انگ 15 ٿي ويو، ان سلسلي ۾ اوٻاوڙو ويجهو لانگهو لنڪ روڊ تي گذريل رات ديرسان هٿياربندن چڙهائي ڪري اوٻاوڙو کان ونگڙ ويندڙ ڪار کي روڪي هٿيارن جي زور تي ڪار ڊرائيور سڪندر ڌونڌو ۽ ڪار ۾ سوار ٻه نامعلوم مسافرن کي هٿياربندن اغوا ڪري ورتو ۽ صبح جو ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن خالي ڪار ڏسي اهڙو اطلاع اوٻاوڙو پوليس کي ڏنو ته اوٻاوڙو پوليس خالي ڪار ڪاهي اوٻاوڙو ٿاڻي تي آندي، جڏهن ته اغوا ٿيل مغوين جي لاءِ پوليس ڪابه ڪارروائي نه ڪئي ۽ نه ئي پيرا کنيا، ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي ٿاڻي جي وڏي منشي ٻڌايو ته ڪار اسان کي خالي هٿ آئي آهي، اها خبر نه آهي ته ڪيترا ماڻهو

سکر ريجن جي پوليس مغوي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام

سکر ريجن جي پوليس مغوي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام، ”ڪوششون“ جاري آهن:ٽن ضلعن جا ڊي پي اوز

سکر، شڪاپور، لاڙڪاڻي ۽ قمبرشهدادڪوٽ جي پوليس کي هيل تائين مغوين جي بازيابي لاءِ ڪاميابي حاصل ناهي ٿي، پوليس روايتي طريقا استعمال ڪندي ڪجهه ڏوهاري ماڻهن ۽ پاٿاريدارن جي مائٽن تي دٻاءُ وجهڻ به شروع ڪيو آهي ۽ ان کانسواءِ معاملو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ وڃڻ بعد پوليس تي
عدالت جو دٻاءُ به وڌي ويو آهي پر پوءِ به پوليس اڃا تائين ناڪام آهي، ڪجهه ڏينهن پهرين آر پي او سکر  لاڙڪاڻي جا ٽي مغوي بازياب ڪرائڻ لاءِ پوليس

ٽيم جوڙي ڇڏي آهي، جنهن ۾ ڊي پي او لاڙڪاڻو عرفان بلوچ، ڊي پي او شڪارپور عبدالحميد کوسو، ڊي پي او قمبر-شهدادڪوٽ اظفرمهيسر، ڊي پي او سکر اعتزاز گورايا، ايس پي جاچ لاڙڪاڻو مسرورجتوئي، ايس پي جاچ قمبر-شهدادڪوٽ اعجاز ترين ۽ ايس پي جاچ سکر منير ڦلپوٽو شامل آهن،  ڊي پي او شڪارپور عبدالحميد کوسو جو چوڻ آهي ته اسان سڀني ضلعن جا پوليس آفيسر يرغمالين جي خيريت سان بازيابيءَ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون پر هن وقت تائين اهو پتو نه پئجي سگهيو آهي ته اها واردات ڌاڙيلن جي ڪهڙي ٽولي ڪئي آهي. ايتري خبر پئجي وئي آهي ته اغوا واري واردات سکر ضلعي جي ڳوٺ تماچاڻي ڀرسان ٿي آهي، جڏهن ته ڊي پي او ڪشمور اسد رضا شاهه جو چوڻ آهي ته اغوا ٿيل ڊرائيور ۽ ڪلينر ڪاٺيون کڻڻ لاءِ ميرپور ماٿيلو کان ڀاڙي تي آيا هئا، جن کي هٿياربند اغوا ڪري ويا آهن، هن ٻڌايو ته صدرالدين گولو، طالب ميراڻي ۽ سرور قاضي کي پنجاب جي حد مان اغوا ڪيو ويو آهي پر اهي ڪشمور ضلعي جا رهواسي آهن ان ڪري سندن بازيابي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن، اهڙي طرح لاڙڪاڻي جي ڊي پي او عرفان بلوچ به ڪجهه ڏينهن پهرين سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اهو جواب داخل ڪرايو آهي ته مغوين جي بازيابي لاءِ پوليس ڪوششون ڪري رهي آهي.

The Kawish Group of PublicationB/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com 

سنڌ جا 22 ماڻهو ڌاڙيلن وٽ يرغمال، ڪيترائي ٻار ڙا به گم

عيد دوران اسلام آباد کان پنهنجي ڳوٺ اوٻاوڙي ايندي اغوا ٿيل شبير قمبراڻي ۽ سندس ڊرائيور کي به گهوٽڪي جي پوليس اڃا تائين بازياب ناهي ڪرايو، جن جي گهرن ۾ روڄ راڙو جاري آهي.
معشوق اوڍاڻو،الهورايو بوزدار ۽ مسعود سومرو

 سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر امن امان جي صورتحال انتهائي خراب ٿي وئي آهي، اسٽريٽ ڪرائيم، ڦر جي واقعن توڙي ڌاڙن بعد هاڻي ته ماڻهن کي اغوا ڪرڻ جو سلسلو به سرعام شروع ٿي ويو آهي، جنهن کي روڪڻ لاءِ ڪي موثر ڪوششون اڃا سامهون ناهن آيون،  اڳ ۾ رات جي اونداهي ۾ يا وري ڪچي جي علائقي مان ماڻهو اغوا ٿيندا هئا پر هاڻي ته وڏن شهرن مان ڏينهن ڏٺي جو ماڻهو اغوا ٿي رهيا آهن، سنڌ جي روڊن رستن تي وري انهن ڏوهاري ماڻهن جو راڄ قائم ٿي ويو آهي، جيڪي ٻوڏ جي ڏينهن دوران گم هئا، گذريل هڪ مهيني اندر ٻن صوبائي وزير محمد اياز سومرو ۽ موهن لال ڪوهستاني جي ٻن ويجهن مائٽن سميت 22 کان

At least 14 people have been kidnapped from Ghotki

At least 14 people have been kidnapped from Ghotki district in the last two months. Resident of Dad Leghari, Abid Khushk, was kidnapped on Saturday, while four days ago, Shabir Qambrani and his driver were kidnapped from Punjab. 

SUKKUR: A judge has ordered the arrest  of a man accused of kidnapping, raping and impregnating a woman who has just given birth to a baby girl.
The suspect, Imran Shah, kept S, a resident of Rashdi Mohalla, Pir Jo Goth, in illegal detention for five months before she managed to escape. On Monday, the Sindh High Court’s Sukkur bench, comprising Justice Faisal Arab, issued orders for Imran’s arrest, after a constitutional petition was filed by S through her lawyer Shabbir Shar.
Shar told The Express Tribune told that the petition was
filed on July 14 but no arrest followed. The SPO Khairpur was ordered to arrest Imran within a week and present him in court.

گهوٽڪي ضلعي جا اغوا ٿيل جسقم اڳواڻ ۽ سماجي ڪارڪن سوڌو 14 ماڻهو بازياب نه ٿيا، ٽياڪڙي ڪندڙ گرفتار ڪري گم ڪيا ويا

اسلام آباد کان ڪار تي ايندي رستي مان اغوا ٿيل اوٻاوڙو واسي انساني حقن جي تنظيم جي چيئرمين شبير قمبراڻي ۽ سندس ڊرائيور حاڪم ڪوري جي ڳولا لاءِ هن وقت تائين سنڌ يا پنجاب جي پوليس ڪا رسمي لکپڙهه واري ڪارروائي به ناهي ڪئي، جنهن ڪري اڃا تائين شبير قمبراڻي ۽ سندس ڊرائيور جو ڪو ڏس پتو ناهي مليو، جڏهن ته شبير قمبراڻي جيڪو انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ هڪ تنظيم جو چيئرمين آهي، ان جي اغوا بعد ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ ڪنهن انساني حقن جي تنظيم به ڪو تحرڪ ناهي ورتو.
گهوٽڪي(رپورٽ: الهورايو بوزدار)گهوٽڪي ضلعي ا اغوا ٿيل جسقم اڳواڻ ۽ سماجي ڪارڪن سوڌو 14 ماڻهو بازياب نه ٿيا، ٽياڪڙي ڪندڙ گرفتار ڪري گم ڪيا ويا، خبرموجب گهوٽڪي ضلعي جيمڙس محمد سچل ملهڻ جي بازيابي جي حوالي سان ڪوشش ڪندڙ ٽن ڄڻن ميرو شر، سردارو لنڊ ۽ واحد لنڊ کي 6 ڏينهن اڳ گرفتار ڪرڻ بعد پوليس گم ڪري ڇڏيو آهي، جن بابت ڪاوش کي ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب ميرو شر جيڪو ڌاڙيل سلطو شر جي واسطي وارو آهي