Wednesday, December 29, 2010

رحمان ملڪ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ سوره اخلاص صحيح پڙهي نه سگهيو

رحمان ملڪ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ سوره اخلاص صحيح پڙهي نه سگهيو
اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪالهه اجلاس شروع ٿيڻ کان پهرين وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ کي جڏهن وزير اعظم پاران تلاوت ڪلام پاڪ ڪرڻ جو چيو ويو ته هو سوره اخلاص صحيح نموني پڙهي نه سگهيو ۽ لڳاتار 3 ڀيرا پڙهڻ باوجود رحمان ملڪ سوره اخلاص پڙهڻ ۾ غلطي ڪئي جنهن تي وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ويٺل وزير حيران رهجي ويا. وزير اعظم پاران پڇڻ تي رحمان ملڪ اجلاس کي ٻڌايو ته مون کي سوره اخلاص جي غلط پرنٽ ڏني وئي آهي جنهن بابت جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. هڪ 
 خانگي ٽي وي چئنل مطابق رحمان ملڪ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ سوره اخلاص جي تلاوت صحيح نه ڪرڻ کانپوءِ ان عمل جو ذميوار به ٻين ماڻهن کي ڏنو ۽ سوره اخلاص پرنٽ ڪندڙ خلاف جاچ جو حڪم ڏنو آهي.
The Kawish Group of PublicationB/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@gmail.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com 

No comments:

Post a Comment