Friday, January 28, 2011

لاپتہ افراد، سپریم کورٹ نے رپوٹ مانگ لی


لاپتہ افراد کے لواحقین اکثر مختلف شہروں میں احتجاج کرتے رہتے ہیں
سپریم کورٹ نے کہا ہے کہ لاپتہ افراد کے معاملے میں ذمہ داروں کے خلاف مقدمات پولیس کی مرضی سے نہیں بلکہ مدعی کی مرضی سے درج کیے جائیں گے۔ عدالت کا کہنا تھا کہ ملک میں لاپتہ افراد کی تعداد میں اضافہ ہورہا ہے اور بعض واقعات میں خفیہ ایجنسیوں سے متعلق ٹھوس شواہد موجود ہیں ۔

Thursday, January 27, 2011

لاپتہ افراد:فوجداری کارروائی کا حکم


سپریم کورٹ نے حکم دیا ہے کہ جن لاپتہ افراد کی گمشدگی میں ایجنسیوں اور پولیس اہلکاروں کے ملوث ہونے کے ثبوت ملے ہیں ان کے خلاف فوجداری کارروائی کی جائے۔

Thursday, January 20, 2011

گهوٽڪي مان اغوا ٿيل پيءُ پٽ بازياب،ٻالڪ شويم ڪمار سميت 5 ڄڻن جو اڃا پتو نه پيو

گهوٽڪي مان اغوا ٿيل پيءُ پٽ بازياب،ٻالڪ شويم ڪمار سميت 5 ڄڻن جو اڃا پتو نه پيو

گهوٽڪي(رپورٽ: الهورايو بوزدار) گهوٽڪي مان اغوا ٿيل پيءُ پٽ بازياب، ٻالڪ شويم ڪمار ۽ گم ڄاڻايل 4 ڄڻن جو اڃا پتو نه پيو، ان سلسلي ۾ گيمڙو ويجهو ڇتي ڍنڍ وٽ هڪ مهينو اڳ گهوٽڪي ويجهو اغوا ٿيل محمد پور لڳ ڳوٺ حاجي محمد يقوب چاچڙ جي رهواسي پيءُ پٽ حافظ شمس الدين ۽ سندس پٽ ظهيراحمد چاچڙ کي بازياب ڪرائي ورتو، بازياب ٿيل يرغمالين جي موجودگي ۾ ايس پي جاچ گهوٽڪي يار محمد رند ايس پي او گهوٽڪي گل حسن لوهر جي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پوليس کي رات جو دير سان اطلاع مليو ته ڌاڙيل يرغمالين کي گيمڙو ويجهو ڇتي ڍنڍ وٽ منتقل ڪري رهيا آهن،

Monday, January 17, 2011

گهوٽڪي مان گم ٿيل سيپڪو ملازم اغوا ٿيڻ جي تصديق، 2 مغوي بازياب، 8 ڄڻن جو پتو نه پيو

گهوٽڪي مان گم ٿيل سيپڪو ملازم اغوا ٿيڻ جي تصديق، 2 مغوي بازياب، 8 ڄڻن جو پتو نه پيو
جڏهن ته شبير قمبراڻي ۽ سندس ڊرائيور حاڪم سمون ۽ جسقم جي ڪارڪن عبدالقيوم اوڳاهي جو ڪو به پتو ناهي پئجي سگهيو.
گهوٽڪي/اوٻاوڙو/ميرپور ماٿيلو (نمائندن وٽان) گهوٽڪي مان گم ٿيل سيپڪو ملازم جي اغوا جي تصديق، ماڇڪو وٽان اغوا ٿيل 2 ڄڻا بازياب، 8 ڄڻن جو پتو نه پيو، ان سلسلي ۾ سکرکان اوٻاوڙو ايندي 3  ڏينهن اڳ گم ٿيل سيپڪو ملازم عبدالغني مهر جي اغوا جي تصديق ٿي آهي، ان ڏس ۾ سيپڪو ملازم جي پٽ محمد ايوب مهر ٻڌايو ته منهنجو پيءُ 3 ڏينهن اڳ سکر مان بدلي ٿي گهوٽڪي آفيس ويل هو، بعد ۾ اسان کي فون آيو آهي ته اوٻاوڙو تعلقي مان کيس اغوا ڪيو ويو آهي ۽ سندس فون بند ٿي ويو آهي. هوڏانهن ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته

Saturday, January 15, 2011

اوٻاوڙو جو نوجوان بازياب، 8 ڄڻا اڃا گم، سنڌ-پنجاب جي 4 ضلعن جي پوليس طرفان گڏيل آپريشن جو فيصلو

اوٻاوڙو جو نوجوان بازياب، 8 ڄڻا اڃا گم، سنڌ-پنجاب جي 4 ضلعن جي پوليس طرفان گڏيل آپريشن جو فيصلو
گھوٽڪي/اوٻِاوڙو/ميرپورماٿيلو (نمائندن وٽان) اوٻاوڙو جو نوجوان بازياب، ضلعي جي 8 ماڻھن جو پوليس پتو لڳائي نه سگھي، سنڌ پنجاب جي 4 ضلعن جي پوليس طرفان گڏيل آپريشن جو فيصلو، اوٻاوڙو لڳ ڳوٺ سوني چاچڙ مان چار ڏينهن اڳ اغوا ٿيل 20 سالن جي نوجوان علي گوهر چاچڙ هٿياربندن جي چنبي مان بازياب ٿي گهر پهچي ويو آهي، اوٻاوڙو پوليس پاران مقابلي جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، ايس پي او اوٻاوڙو اغوا جي تصديق ڪئي

Thursday, January 13, 2011

خانپور مهر جي ٻالڪ ۽ اوٻاوڙو واسي 2 ڄڻن کي پوليس بازياب ڪرائي نه سگهي

خانپور مهر جي ٻالڪ ۽ اوٻاوڙو واسي 2 ڄڻن کي پوليس بازياب ڪرائي نه سگهي

سئي گئس ملازم شبير احمد قمبراڻي جي ۽ سندس ڊرائيور حاڪم سمون
 4 مهينا گذرڻ باوجود سندن ڪو به ڏس پتو نه پيو آهي
خانپور مهر/اوٻاوڙو (نمائندن وٽان) خانپور جي ٻالڪ ۽ اوٻاوڙو واسي 2 ڄڻن کي پوليس بازياب ڪرائي نه سگهي، وارث مايوس، ان سلسلي ۾ خانپورمهر مان اغوا ٿي ويل

Monday, January 3, 2011

ميرپورماٿيلو ايندي اغوا ٿيل 5 ڳوٺاڻا ۽ شگر ملز جو ملازم بازياب، گهوٽڪي ضلعي جا 9 ڄڻا اڃا تائين ڌاڙيلن وٽ يرغمال

ميرپورماٿيلو ايندي اغوا ٿيل 5 ڳوٺاڻا ۽ شگر ملز جو ملازم بازياب، گهوٽڪي ضلعي جا 9 ڄڻا اڃا تائين ڌاڙيلن وٽ يرغمال
اسلام آباد کان اوٻاوڙو ۽ ڪراچي کان گهوٽڪي ايندي اغوا ٿيل انساني حقن جي تنظيم جا ڪارڪن شبير قمبراڻي، حاڪم سمون ۽ عبدالقيوم اوڳاهي پڻ اڃا تائين لاپتا بڻيل آهن.
گهوٽڪي/ميرپورماٿيلو (نمائندن وٽان) هفتو اڳ ميرپورماٿيلو ايندي اغوا ٿيل 5 ڳوٺاڻا ۽ 2 ڏينهن اڳ کنڀجي ويل گهوٽڪي شگر ملز جو ملازم بازياب ٿي گهر پهچي ويا، خانپور مهر واسي معصوم نينگر شويم ڪمار سميت گهوٽڪي ضلعي جا 9 ماڻهو اڃا تائين ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آهن، ان سلسلي ۾ گڏ ڪيل ڄاڻ موجب هڪ هفتو اڳ ڪنڌڪوٽ مان واپس ميرپورماٿيلو ايندي کنڀڙا پوليس ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿي ويل 5 ڳوٺاڻا بشير احمد بوزدار، الهوسايو

گهوٽڪي جا 14 مغوي بازياب نه ٿيا، وارث پوليس جي ڪارڪردگي مان مايوس، راڄوڻي ڪوششون

گهوٽڪي جا 14 مغوي بازياب نه ٿيا، وارث پوليس جي ڪارڪردگي مان مايوس، راڄوڻي ڪوششون
 اسلام آباد کان واپس اوٻاوڙو ايندي اغوا ٿيل شبير قمبراڻي ۽ سندس ڊائيور حاڪم سمون اڃا تائين بازياب نه ٿي سگهيا آهن،
خانپور مهر (ن ڪ) گهوٽڪي پوليس 14 مغوي بازياب ڪرائي نه سگهي، مغوين جي وارثن مايوس ٿي راڄوڻي ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون، ان سلسلي ۾ خانپورمهر مان 25 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل معصوم ٻارڙي شويم ڪمار سميت جروار واسي 5 ڄڻن ڪنڌڪوٽمان واپس ايندي مريد شاخ وٽان اغوا ٿي ويل بشيراحمد، الهوسايو، زينل، گل محمد ۽ شبيراحمد بوزدار ۽ گهوٽڪي کان ايندي محمد پور مان اغوا ٿيل پيءُ حافظ شمس الدين ۽ سندس پٽ ظهير احمد چاچڙ، جهانپور ميلي کان واپس ايندي اغوا ٿيل مولابخش مهر ۽ اڪبر سيال، اسلام آباد کان واپس اوٻاوڙو ايندي اغوا ٿيل شبير قمبراڻي ۽ سندس ڊائيور حاڪم سمون ۽ ڪراچي کان ڳوٺ گهوٽڪي ايندي جسقم ڪارڪنن عبدالقيوم اوڳاهي به اڃا تائين بازياب نه ٿي سگهيا آهن، جڏهن ته گذريل ڏينهن گهوٽڪي جي شگر ملز جو اسسٽنٽ اڪائونٽنٽ ڪليم

Sunday, January 2, 2011

گھوٽڪي مان شگر ملز جو ملازم اغوا، ضلعي جا 13 مغوي اڳ ئي ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻيل

گھوٽڪي مان شگر ملز جو ملازم اغوا، ضلعي جا 13 مغوي اڳ ئي ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻيل
اسلام آباد کان پنهنجي گهر اوٻاوڙو ايندي اغوا ٿيل انساني حقن جو ڪارڪن شبير قمبراڻي ۽ سندس ڊرائيور حاڪم سمون اڃا تائين بازياب ناهن ٿيا

گھوٽڪي (ن ڪ) گھوٽڪي ۾ نئين سال جي پھرين ڏينھن تي اغوا جي واردات، ھٿياربندن گھوٽڪي شگر ملز جي اسسٽنٽ اڪائونٽنٽ کي اغوا ڪري ويا، وارثن کان 30 لک رپيا ڀنگ طلب، ضلعي مان اغوا ٿيل ماڻھن جو تعداد 14 ٿي ويو، ان سلسلي ۾ گهوٽڪي ويجهو قائم شگرملز يونٽ(3) جو اسسٽنٽ 
اڪائونٽنٽ ڪليم الله دشتي  شگرملز مان پنهنجي گهر صادق آباد ويندي