گهوٽڪي جا 14 مغوي بازياب نه ٿيا، وارث پوليس جي ڪارڪردگي مان مايوس، راڄوڻي ڪوششون
اسلام آباد کان واپس اوٻاوڙو ايندي اغوا ٿيل شبير قمبراڻي ۽ سندس ڊائيور حاڪم سمون اڃا تائين بازياب نه ٿي سگهيا آهن،
خانپور مهر (ن ڪ) گهوٽڪي پوليس 14 مغوي بازياب ڪرائي نه سگهي، مغوين جي وارثن مايوس ٿي راڄوڻي ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون، ان سلسلي ۾ خانپورمهر مان 25 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل معصوم ٻارڙي شويم ڪمار سميت جروار واسي 5 ڄڻن ڪنڌڪوٽمان واپس ايندي مريد شاخ وٽان اغوا ٿي ويل بشيراحمد، الهوسايو، زينل، گل محمد ۽ شبيراحمد بوزدار ۽ گهوٽڪي کان ايندي محمد پور مان اغوا ٿيل پيءُ حافظ شمس الدين ۽ سندس پٽ ظهير احمد چاچڙ، جهانپور ميلي کان واپس ايندي اغوا ٿيل مولابخش مهر ۽ اڪبر سيال، اسلام آباد کان واپس اوٻاوڙو ايندي اغوا ٿيل شبير قمبراڻي ۽ سندس ڊائيور حاڪم سمون ۽ ڪراچي کان ڳوٺ گهوٽڪي ايندي جسقم ڪارڪنن عبدالقيوم اوڳاهي به اڃا تائين بازياب نه ٿي سگهيا آهن، جڏهن ته گذريل ڏينهن گهوٽڪي جي شگر ملز جو اسسٽنٽ اڪائونٽنٽ ڪليم
The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
الله دشتي جو به پوليس پتو نه لڳائي سگهي آهي، جنهن ڪري مغوين جي گهرن اندر روڄ راڙو متل آهي، سندن وارث پوليس ڪارڪردگي مان مايوس ٿي راڄوڻي ڪرڻ ۾ سرگرم آهن پر گهوٽڪي ضلعي جي پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي، هوڏانهن مغوي شويم ڪمار جي اغوا جي سلسلي ۾ پوليس شهر مان عبدالغني ميراڻي کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس ذريعن موجب گرفتار عبدالغني ميراڻي بابت ٻڌايو پيو وڃي ته هن مغوي ٻارڙي شويم ڪمار جي اغوا جي ڀنگ رقم لاءِ مغوي ٻارڙي جي وارثن کي فون ڪيو هو، جڏهن ته پوليس ترديد ڪندي چيو آهي ته کيس ڪنهن ٻئي معاملي ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، هوڏانهن مغوي بشير احمد بوزدار جي ڀاءُ اصغر بوزدار ٻڌايو ته اڃا اسان جي اغوا ٿيل ماڻهن جو ڪوبه پتو نه پئجي سگهيو آهي، هن چيو ته پوليس رڳو دلاسا ڏئي رهي آهي، هوڏانهن سرحد واسي اغوا ٿيل عبدالقيوم اوڳاهي جي ڀاءُ پپو اوڳاهي چيو ته ايس ايڇ او گيمڙو اسان کي ٻڌايو آهي ته توهان جو ماڻهو ڪچي ۾ آهي پر پوليس ان باوجود کين بازياب نه ڪرائي سگهي آهي.
The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
No comments:
Post a Comment